وزيراعظم ۽ گھرو وزير سميت وفاقي وزيرن جي اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، ناڻي واري وزير شمشاد اختر ۽ وفاقي گھرو وزير سينيٽر سرفراز بگٽي سميت ڪيترن ئي وفاقي وزيرن جي اثاثن جا تفصيل منظر عام تي اچي ويا آهن.

ميڊيا رپورٽس موجب وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ 4 ڪروڙ 81 لک 82 هزار 580 رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، هن وٽ 20 ايڪڙ وراثتي زرعي زمين به آهي جنهن جي ماليت 80 لک رپيا آهي جڏهن ته انوار الحق ڪاڪڙ وٽ پاڪستان چاغي لميٽيڊ ۾ 50 هزار رپين جا شيئرز آهن.

ان کانسواءِ نگران وزيراعظم 10 تولا سون جي قيمت 80 هزار رپيا ظاهر ڪئي آهي، هن وٽ 2 بينڪن ۾ 2 ڪروڙ 20 لک رپين کان وڌيڪ رقم موجود آهي جڏهن ته نگران وزيراعظم پنهنجي گھر جي فرنيچر جي ماليت 4 لک رپيا ظاهر ڪئي آهي.

وفاقي وزيرن جي اثاثن جي ماليت

ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر

شمشاد اختر ڪراچي ڊي ايڇ اي فيز 6 ۾ 40 لک رپين جي گھر ۽ ڊي ايڇ اي ۾ 1 پلاٽ جي قيمت 25 هزار ظاهر ڪئي آهي.

ناڻي واري وزير 2 ايراضيون پيءُ کان گفٽ ملڻ ظاهر ڪيون آهن جڏهن ته هن 2 ارب 79 ڪروڙ رپين جو نئون پاڪستان سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو آهي.

شمشاد اختر پي ايس او ۾ 3 لک رپين کان وڌيڪ شيئرز جي مالڪ آهي جڏهن ته هڪ بينڪ ۾ 9 لک 47 هزارن جي سيڙپڪاري به ڪئي آهي.

شمشاد اختر ٽي بلز جي مد ۾ 10 ڪروڙ 96 لک رپيا ظاهر ڪيا آهن، ٽي ڊي آر بينڪ الحبيب ۾ 2 ڪروڙ 41 لک رپيا ظاهر ڪيا آهن جڏهن ته هن وٽ رڳو 2 لک رپين جو سون ۽ 19لک 46 هزار رپيا روڪ رقم آهي.

نگران ناڻي واري وزير وٽ بينڪن ۾ 39 لک 24 هزار رپيا آهن جڏهن ته سندس فرنيچر جي ماليت 2 لک رپيا آهي.

گھرو وزير سرفراز بگٽي

نگران وفاقي گھرو وزير سرفراز بگٽي جي سامهون آيل اثاثن جي تفصيلن موجب هن وٽ ملتان ۾ 2 ڪينال جو گھر آهي جنهن جي ماليت 1 ڪروڙ رپيا اهي جڏهن ته هن وٽ ملتان يونائيٽيڊ مال ۾ 2 ڪروڙ 50 لک رپين جو فليٽ به آهي.

سينيٽر سرفراز بگتٽي وٽ اسلام آباد ۾ 3 ڪروڙ 12 لک رپين جو گھر جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ هڪ ڪروڙ رپين جو پلاٽ به آهي.

گھرو وزير جا 50 لک رپين جا بگٽي سي اين جي سوئي ۾ 50 سيڪڙو شيئر آهن جڏهن ته 2010 ماڊل جي هڪ گاڏي اٿس جنهن جي قيمت 1 ڪروڙ 2 لک رپيا ظاهر ڪئي وئي آهي.

سرفراز بگٽي وٽ 67 لک 98 هزار رپيا روڪ رقم جڏهن ته بينڪ ۾ 6 لک 35 هزار رپيا آهن، هن وٽ موجود فرنيچر جي ماليت 68 لک رپيا آهي.

سرفراز بگٽي پنهنجن اثاثن ۾ 90 اٺ، 8 هزار 870 رڍون، 4 هزار 60 ٻڪريون، 400 ڳئون، 80 ڦر ۽ 86 مينهون ظاهر ڪيون آهن، سندس لائيو اسٽاڪ جي ماليت 6 ڪروڙ 97 لک رپيا آهي.

نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي

سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي اثاثن جا تفصيل به سامهون اچي ويا آهن.

جاري ڪيل دستاويزن موجب نگران وفاقي وزير مرتضٰي سولنگي 2 ڪروڙ 32 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، هن وٽ 1 ڪروڙ 27 لک رپيا جڏهن ته سندس زال وٽ اسلام آباد ۾ 2 گھر 31 لک رپين جا ۽ 18 لک ڪيش آهن.

دستاويز ۾ ٻڌايو ويو ته مرتضٰي سولنگي وٽ بينڪ ۾ 3 لک 19 هزار، زال وٽ 1 لک 57 هزار رپيا آهن نگران وفاقي وزير 4 تولا سون جي قيمت 70 هزار رپيا ۽ 26 لک 93 هزار رپيا ڪيش ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته سندس گھر جي فرنيچر جي ماليت 10 لک رپيا ظاهر ڪئي وئي آهي.

وڌيڪ اهو ته نگران وفاقي وزير وٽ ايس ايم سي پرائيويٽ لميٽيڊ ۾ 25 هزار رپين جا شيئرز آهن، مرتضٰي سولنگي ساڍا 12 لک رپين جي گاڏي جو مالڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.