پاڻ کي صحتمند ۽ خوش رکڻ لاءِ ڇا ڪجي؟

اڄ جي ڀڄندڙ ڊوڙندڙ دنيا ۾ ڪنهن به شخص لاءِ صحتمند طرز زندگي اپنائڻ ڏکيو آهي پر ان جي باوجود طبي ماهر ڪجهه عادتن کي انسان جي صحتمند ۽ خوش رهڻ جو ذريعو قرار ڏيندا آهن.

اهي عادتون ڪهڙيون آهن اچو ته ڄاڻون ٿا.

روز 45 منٽ ورزش

طبي ماهرن موجب سڄي ڏينهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 45 منٽ ورزش لاءِ وقت ڪڍو ڇو جو 45 منٽن دوران هلڪي ورزش جسم کي ڪيترين ئي بيمارين کان محفوظ رکي سگھي ٿي.

باقاعدگي سان ڪئي ويندڙ ورزش دل جي مرضن، آسٽروپورسس، انزائٽي ۽ ڊپريسن جهڙن مرضن جي خطرن کي گھٽائيندي آهي جڏهن ته ذهني پختگي ۽ اعتماد ۾ واڌارو ڪندو آهي.

شڪر ادا ڪريو

جيتوڻيڪ اسان مان گھڻا ماڻهو سڄي ڏينهن ۾ ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏيندا آهن پر ان جي باوجود هر انسان وٽ اهڙيون ڪيتريون ئي نعمتون هونديون آهن جن تي شڪر ادا ڪري سگھجي ٿو.

پنهنجي زندگي ۾ انهن خوشين ۽ نعمتن کي ڳولي انهن لاءِ شڪرگذار ٿيڻ جي ڪوشش ڪريو ڇو جو هاڪاري سوچ ئي ڏکيائين سان وڙهڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي ترغيب ڏينديون آهن.

روز 3 ليٽر پاڻي پيئو

پاڻي انساني جسم لاءِ فيول جو ڪم ڪندو آهي، پاڻي جو گھڻو استعمال انساني جسم جي فنڪشنز کي وڌيڪ سٺي طريقي سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪندو آهي.

پاڻي جو استعمال اوهان کي ڊيٽاڪسيفاءِ ڪرڻ، هاضمي جو نظام بهتر بڻائڻ، کَلَ ۽ وارن جي صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي.

ماهر سٺي طرز زندگي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ روز 3 ليٽر پاڻي پيئڻ جو مشورو ڏيندا آهن.

برين عادتن کان پاسو ڪريو

هر انسان ۾ ڪا نه ڪا بري عادت ٿي سگھي ٿي اهي بريون عادتون ڪٿي انسان جي ذهني ته ڪٿي جسماني صحت کي متاثر ڪنديون آهن، تنهنڪري روز جي بنياد تي اهڙين عادتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

مثال طور موبائيل فون جو گھڻو استعمال اوهان جي جسماني ۽ ذهني صحت لاءِ خطرو آهي تنهنڪري ڪوشش ڪريو ته موبائيل فون جو استعمال گھٽائي ڇڏيو، جنڪ فوڊ جو استعمال گھٽايو يا وري ڪا به اهڙي عادت ڇڏي ڏيو جيڪا اوهان جي ذهني ۽ جسماني صحت کي متاثر ڪري رهي هجي.

7 کان 8 ڪلاڪ ننڊ ڪريو

ننڊ نه رڳو جسم کي آرام ڏيندي آهي پر انساني دماغ جي فنڪشنز کي بحال به ڪندي آهي، روز 8 ڪلاڪن جي ننڊ جو هدفت مقرر ڪري ڇڏيو ۽ گھٽ ۾ گھٽ 7 ڪلاڪ لازمي ننڊ ڪريو.

مناسب ننڊ ڪرڻ سان اوهان پاڻ کي خوش ۽ صحتمند محسوس ڪندئو ۽ ان سان اوهان کي ذهني ۽ جسماني تندرستي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اوهان جي دماغ ۽ جسم کي سڪون به ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.