اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هلندڙ مالي سال جي پهرين 4 مهينن دوران ملڪ ۾ ٽريڪٽرن جي وڪري ۾ ساليانو واڌ رڪارد ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان آٽو موبائيل مينوفيڪچررز ايسوسي ايشن جي انگن اکرن موجب جولاءِ کان آڪٽوبر تائين ملڪ ۾ AGTL جا 7 هزار 105 يونٽ ۽ ايم ٽي ايل ٽريڪٽرن جا 10 هزار 191 يونٽن جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو 56 سيڪڙو ۽ 117 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي ۾ ملڪ ۾ AGTL جا 4 هزار 561 يونٽ ۽ ايم ٽي ايل ٽريڪٽرن جا 4 هزار 697 يونٽ وڪرو ٿيا هئا.