ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پورٽ تي امپورٽ ڪيل ڪڻڪ چوري ڪرڻ جي انوکي واردات ٿي، ٽرڪ تي جعلي نمبر پليٽ لڳائي ڪڻڪ چوري ڪئي وئي پر ٽرڪ کي پورٽ مان نڪرڻ کانپوءِ پڪڙيو ويو.
ڪراچي پورٽ تان ٽرڪ اڳيان هڪ نمبر ۽ پويان ٻيو نمبر لڳائي ڪڻڪ چوري جي ڪوشش ڪئي وئي.
اختيارين ٻڌايو ته چور ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ پورٽ کان ٻاهر ڪاهي ويا پر ڊرائيور وٽ بلٽي نمبر ۽ وزن جي پرچي موجود نه هئي.
اختيارين موجب ٽرڪ کي پورٽ مان نڪرندي ئي شڪ جي بنياد تي روڪيو ويو، امپورٽر ڪڻڪ جي ٽرڪ پڪڙي اختيارين حوالي ڪئي، واقعو 21 آڪٽوبر تي پيش آيو هو، جنهن جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
Prev Post
Next Post
You might also like