11 مهينن جي ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار جي موت جي سزا عمر قيد ۾ تبديل

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ 11 مهينن جي ٻارڙي سان زيادتي جي جوابدار جي موت جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاليا نيلم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ جوابدار جي اپيل تي لکت فيصلو جاري ڪيو، جنهن موجب عدالت ٽرائل ڪورٽ جو 3 لک رپيا ڏنڊ جو فيصلو برقرار رکيو.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته اها حقيقت آهي ته جوابدار ٻارڙي کي زيادتي جو نشانو بڻايو، والدين ڪنهن تي ڪوڙو الزام لڳائڻ لاءِ ڌيءَ جي عزت ۽ مستقبل داءَ تي نٿا لڳائي سگهن.
عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته پراسيڪيوشن بنا ڪنهن شڪ جي پنهنجو ڪيس ثابت ڪيو، اپيل ڪندڙ کي موت جي سزا ڏيڻ گهڻو سخت هوندو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ناڪاري ڊي اين اي رپورٽ ۽ ڏوهه وقت جوابدار جي عمر سبب سزا ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، اسان سمجهون ٿا ته ان ڪيس ۾ سزا گهٽائڻ جون حالتون موجود آهن، قانون جي بنيادي اصولن موجب سزا ٻڌائڻ وقت شڪ جو فائدو جوابدار کي ڏنو ويندو آهي، تنهن ڪري جوابدار جي موت جي سزا ختم ڪري ان کي عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ٿو.
واضح رهي ته جوابدار محمد رفيق خلاف قصور جي صدر ٿاڻي ۾ 2019 ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.