سنڌ ۾ ڪٿي ڪوهيڙ پوندو، موسميات کاتي جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي موجب ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي جڏهن ته مٿانهن علائقن ۾ ٿڌ پوندي.

سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ڏينهن جي وقت ڪوهيڙ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي پاران سنڌ جي ضلعي جيڪب آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

اهڙي صورتحال اڄ رات کان ئي شروع ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.