ڪوئيٽا جي سيٽلمينٽ آفيس مان 15 هزار ايڪڙ زمين جو رڪارڊ گم ٿيڻ جو انڪشاف

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي سيٽلمينٽ آفيس مان 15 هزار ايڪڙ زمين جو رڪارڊ گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پوليس موجب سيڪريٽري بورڊ آف روينيو جي درخواست تي بورڊ جي ٽن ملازمن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته سيٽلمينٽ آفيس جي هڪ اڳوڻي ملازم کي ڪوئيٽا مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نامزد جوابدارن موضع سام خيل ۽ تاله حيدرزئي جو رڪارڊ کڻي ويا آهن.
سيڪريٽري بورڊ آف روينيو موجب رڪارڊ برآمدگي لاءِ ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.