ننڍڙن مٽرن جا وڏا فائدا

 

مٽر هر گهر ۾ استعمال ٿئي ٿو، ڪو ان کي ڀاڄي ۾ پچائڻ پسند ڪندو آهي ته ڪو وري چانورن سان گڏ، مٽر کي کٽاڻ، چٽڻي، ايتري تائين جو ان کي سلاد ۾ به استعمال ڪيو وڃي ٿو.

مٽر ۾ ڪهڙا فائدا آهن؟

وٽامن سي:

مٽرن ۾ وٽامن سي وڏي مقدار ۾ هجي ٿو، جيڪو انساني جسم ۾ مدافعتي قوت وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.

شگر ۽ بلڊ پريشر گهٽائڻ ۾ فائديمند:

مٽر ۾ گهٽ مقدار ۾ گلي سيمڪ ۽ گهٽ مقدار ۾ ڪيلوريز هوندي آهي، جيڪي شگر ۽ بلڊ پريشر جي مريضن لاءِ بهترين آهن، جڏهن ته ڊائٽ ڪندڙ به مٽر جي استعمال سان گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهن ٿا.

آئرن:

مٽر ۾ آئرن جي ڀرمار هوندي آهي، آئرن جسم ۾ آڪسيجن کي وڌيڪ بهتر طريقي سان پهچائڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو.

فائبر:

مٽر ۾ وٽامن اي به هوندو آهي، جيڪو جلد کي دلڪش بڻائڻ لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندو آهي، جڏهن ته ان ۾ وٽامن سي سان گڏ فائبر جو به سٺو مقدار هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.