هانيا عامر جا نعرا لڳي ويا، عاصم اظهر تپي باهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عاصم اظهر ۽ اداڪار ياسر حسين جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جيڪا آءِ بي اي ۾ ٿيل هڪ تقريب جي آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪار ۽ گلوڪار ٻئي اسٽيج تي ويٺا ڳالهائي رهيا آهن.

عاصم اظهر جيئن ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ڪجهه شاگرد ”هانيه هانيا“ جا نعرا هڻڻ لڳا.

ڳائڻي فوري طور تي ڳالهائڻ بند ڪيو ۽ چيو ته، ‘پٽ، ڇا ٿيو؟ آئي بي اي آهي يا پاگل خاني ۾ آيو آهيو؟

ان دوران ياسر حسين به ماحول کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته هتي سڀ پڙهيل لکيل ماڻهو آهن، مهرباني ڪري ائين نه ڪريو، پرسڪون رهو، ان کانپوءِ ڪنسرٽ ۾ وڃڻ چاهيو يا ڪنسرٽ رد ڪريون؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.