ورلڊ ڪپ: بين اسٽوڪس جي شاندار سينچري، انگلينڊ هٿان نيڌرلينڊز کي شڪست

پوني ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾انگلش آل رائونڊر بين اسٽوڪس جي شاندار سينچري کانپوءِ بالرن جي لاجواب بالنگ جي نتيجي ۾ انگلينڊ نيڌرلينڊز کي 160 رنسن تان هارائي ڇڏيو.

انگلينڊ جي 340 رنسن جي هدف جي جواب ۾ نيڌرليندز جي پوري ٽيم 38 هين اوور ۾ 179 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

نيڌرلينڊز طرفان تيجا ندامنارو 41 رنسن جي نمايان اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان اسڪائوٽ ايڊورڊز 38، ويسلي بريسي 37، سيابرانڊ انگلبريخت 33 رنسوڻ ٺاهيون.

انگلينڊ طرفان معين علي ۽ عادل رشيد 3،3، ڊيوڊ ولي 2 ۽ ڪرس ووڪس 1 وڪيٽ ورتي.

ان کان اڳ پوني ۾ کيڏيل آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 40 هين ميچ ۾ انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

انگلينڊ پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 339 رنسون ٺاهيون.

بين اسٽوڪس 108 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، ان کانسواءِ ڊيوڊ ملان 87 ۽ ڪرس ووڪس 51 رنسون اسڪور ڪيون، جوني بيئرسٽو 15، جو روٽ 28، هيري بروڪ 11 ۽ ڪپتان جوز بٽلر صرف پنج رنسون ٺاهي سگهيو.

نيڌرلينڊز طرفان باسڊيليڊا ٽي، آريان دت، لوگن وين بيڪ ٻه، ٻه ۽ ميڪارين هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

شاندار بيٽنگ تي بين اسٽوڪس کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

واضح رهي ته دفاعي چيمپيئن انگلينڊ پهريان ئي سيمي فائنل جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.