فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) ۾ ڀارت جي ڏوهن جي ڊگهي فهرست سامهون اچي وئي، جنهن کانپوءِ ڀارت کي جلد فيٽف جي بليڪ لسٽ ۾ به شامل ڪيو ويندو.
ايف اي ٽي ايف غير قانوني ۽ غير انساني ڪارروائين جي تفصيلي جاچ لاءِ ٽيم ڀارت موڪلي ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت کي جلد فيٽف جي بليڪ لسٽ ۾ به شامل ڪيو ويندو.
رپورٽ موجب مودي حڪومت ۾ ڀارت ۾ پرتشدد انتهاپسند تنظيمن منظم نيٽ ورڪس ذريعي فنڊ گڏ ڪيا، مودي سرڪار دهشتگرد تنظيمن کي مالي سهڪار فراهم ڪري رهي آهي، ڀارت ۾ ريئل اسٽيٽ ۾ فراڊ، سمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جا پيرا دنيا ۾ ٿيندڙ دهشتگردي سان ملي رهيا آهن ۽ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ڀارت ملوث آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ممبئي جوا جو سڀ کان وڏو اڏو بڻجي چڪو آهي، مني لانڊرنگ، سمگلنگ، منشيات فروشي، هيومن ٽريفڪنگ ۽ انفارمل اڪنامڪ اڪائونٽس ۾ ڀارت اڳتي آهي.
ان کانسواءِ ذخيرن ۾ 4 هزار 287 بلين ڊالر جي رقم غير قانوني طور حاصل ڪئي وئي، سون جي سمگلنگ ۾ به ڀارت اڳتي آهي، ڀارت کي فيٽف جي سڀني سوالن جو جواب ڏيڻو پوندو.
You might also like