اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊيول ايندڙ مهيني جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، رٽرننگ آفيسرن جي مقرري کانپوءِ شيڊيول جاري ڪيو ويندو.
ذريعن موجب چونڊ شيڊيول سان گڏ چونڊ فهرستون منجمد ۽ پوسٽنگ ٽرانسفر تي پابندي لاڳو ٿي ويندي آهي، اليڪشن ڪميشن ۾ چونڊ فهرستن جي تياري آخري مرحلي ۾ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاق ۽ صوبن ۾ اڃا ٽرانسفر پوسٽنگ مڪمل ناهي ٿي، اليڪشن ڪميشن اختيارين به ڊسمبر جي پهرئين هفتي ۾ چونڊ شيڊيول جاري ڪرڻ جي راءِ ڏني آهي.
نومبر ۾ آر اوز جي مقرري، تڪ بندين جي اشاعت، پوسٽنگ ٽرانسفر ۽ ووٽر فهرستون مڪمل ڪيون وينديون.
اليڪشن ڪميشن اختيارين کي تجويز ڪيل چونڊ شيڊيول جي تياري جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن قانون تحت گهٽ ۾ گهٽ 54 ڏينهن تي ٻڌل چونڊ شيڊيول جاري ڪري سگهي ٿي.
You might also like