الينوئي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سائنسدانن جي ٽيم عام ڳئون جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ کير ڏيندڙ ڳئون تيار ڪئي آهي.
يونيورسٽي آف الينوئي ۾ جانورن جي سائنسدانن جي ٽيم تنزانيا جي هارين لاءِ اهڙي ڳئون تيار ڪئي آهي جيڪا گيم چينجر ثابت ٿيندي. اهڙي ڳئون جيڪا ديسي نسلن جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ کير ڏيندي.
اينيمل فرنٽيئرز ۾ ڇپيل ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هولسٽينز ۽ جرسين جي کير پيدا ڪرڻ جي صلاحيت واري ڳئون جي نسلن کي گرمي، ڏڪار ۽ بيماري خلاف مزاحمت جوڳي گائرس جي نسل سان ڪراس ڪرايو ويو آهي جيڪو ٽروپيڪل ملڪن ۾ عام آهي.
ڪراس جي پنجن نسلن جي نتيجي ۾ ڄاول اها ڳئون عام تنزانيه جي انتظام تحت روز 10 ليٽر کير پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
Next Post
You might also like