هن ڀيري عوام لاهور مان وزيراعظم نه چونڊيندو، صوبي سان گڏ وفاق ۾ به حڪومت ٺاهينداسين: بلاول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن ڀيري پاڪستان جو عوام لاهور مان وزيراعظم نه چونڊيندو، مڪاني چونڊن جي نتيجن ثابت ڪري ڇڏيو ته عوام پ پ سان گڏ آهي.
گزري اسٽيڊيم ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مڪاني چونڊون ٽريلر آهي، نتيجن سان ثابت ٿي ويو ته عوام پ پ سان گڏ آهي، اسان ان وقت مڪاني چونڊون کٽيون، جڏهن حڪومت ۾ ناهيون.
هن چيو ته عوام جي مسئلن جو حل رڳو پ پ وٽ آهي، ملڪ کي معاشي مسئلن، غربت ۽ مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي ۽ پ پ حڪومت ئي غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته هاڻ اسان مڪاني ۽ صوبائي سان گڏ وفاقي حڪومت به ٺاهينداسين، 8 فيبروري تي ثابت ڪري ڏيکارينداسين ته فتح رڳو تير جي ٿيندي، هن ڀيري پاڪستان جو عوام لاهور مان وزيراعظم نه چونڊيندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن ڪميشن ترقياتي اسڪيمن تي پابندي هنئي آهي پر پنجاب ۽ وفاق ۾ ترقياتي سرگرميون جاري آهن، سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي.
دهشتگردي جي تازن واقعن تي پ پ چيئرمين چيو ته اسان جي پارٽي دهشتگردي خلاف واضح موقف رکي ٿي، افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيار دهشتگردن وٽ موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.