عمران خان ڊڪٽيٽر آهي، سڀني جماعتن ۽ ليڊرن کان نفرت ڪري ٿو: پرويز خٽڪ

مالا ڪنڊ (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پارليامينٽيرينز جي چيئرمين پرويز خٽڪ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ڊڪٽيٽر آهي، سڀني جماعتن ۽ ليڊرن کان نفرت ٿو ڪري.
مالا ڪنڊ ۾ شموليتي تقريب سان خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته اسان ڪنهن پارٽي جي پويان نه وياسين، پنهنجي همت سان پارٽي ٺاهي آهي.
هن چيو ته ڪا پارٽي چونڊ منشور تي عمل ناهي ڪندي، مولانا جي جنگ اسلام آباد لاءِ هئي، عمران خان جو نئون پاڪستان ٽوپي ڊرامو هو، ان جو ساٿ تبديلي لاءِ ڏنو پر هن ڪوڙا نعرا هنيا.
سندس چوڻ هو ته عمران خان پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي نٿو مڃي، هو ڊڪٽيٽر آهي، ملڪ ۾ صدارتي نظام آڻڻ چاهي ٿو، هو سڀني پارٽين ۽ ليڊرن کان نفرت ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.