سون جي اگهه ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به واڌ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 200 رپين جي معمولي واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت ٻه لک 14 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 172 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 83 هزار 985 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 7 ڊالر واڌ سان 2012 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.