ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٽانڪ اڏي تي پوليس وين ڀرسان ڌماڪي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا زخمي به ٿيا، جن ۾ اهلڪار پڻ شامل آهن ۽ گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
پوليس ٻڌايو ته ڌماڪي سان ڪيترين ئي موٽر سائيڪلن کي به نقصان پهتو، جڏهن ته ڌماڪي کانپوءِ فائرنگ جا آواز به ٻڌا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب پوليس وين کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
Prev Post
You might also like