لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) فلپائني ناري سان آن لائن نڪاح ڪندڙ لاڙڪاڻي واسي گهوٽ ٻه مهينا گذرڻ باوجود زال سان ملاقات جي انتظار ۾ آهي.
حڪومت سندس ويزا منظور ناهي ڪئي جنهن سبب زال لاءِ ترسي رهيو آهي.
نوجوان نيٺ لاڙڪاڻي پريس ڪلب پهچي اعليٰ اختيارين کان ويزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ياد رهي ته لاڙڪاڻي جي غازي عباس ڪالوني جي رهواسي اوشاق احمد شيخ فلپائني ناري منوڪا سان وڊيو ڪال تي نڪاح ڪيوهو.
نڪاح جي تقريب سمبارا هوٽل ۾ ٿي، اوشاق احمد جو چوڻ هو ته منوڪا سان هڪ سال کان انٽرنيٽ تي رابطو هو، اڄ وڊيو ڪال تي نڪاح ڪري ورتو آهي، جلد ڪنوار کي ڏيهه وٺي ايندس.