عورتن جي اسڪولن ۾ مردن جي داخلا تي پابندي

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي تعليم کاتي صوبي ۾ عورتن جي اسڪولن ۾ مردن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

مردن کي عورتن جي اسڪولن ۾ داخلا جي اجازت ڏيڻ خلاف سٽيزن پورٽل تي ڪيتريون ئي شڪايتون داخل ڪرڻ بعد اها اڳڀرائي ٿي آهي.

ڪي پي ڪي جي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عورتن جي اسڪولن ۾ مردن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته اسڪولن جي عملدارن کي چيو ويو آهي ته هو ڪنهن مرد کي مهمان طور خاص طور تي عورتن جي تعليمي سهولتن ۾ دعوت نه ڏين.

تعليم کاتي چيو آهي ته ڪي پي ڪي عورتن جي اسڪولن ۾ رڳو عورتو چيف گيسٽس کي پروگرامن يا تقريبن ۾ شرڪت جي اجازت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.