ڪراچي: پيءُ نه سڏڻ تي ظالم شخص 8 ورهين جي پٽ کي ماري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سعود آباد مان 8 ورهين جي پٽ جي قاتل پيءَ کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن پيءُ نه سڏڻ تي پٽ کي قتل ڪيو.
ڪراچي جي علائقي ڀينس ڪالوني مان 18 آڪٽوبر تي 8 ورهين جي ٻار امان جو لاش هٿ آيو هو، پيءُ سعود آباد ٿاڻي تي ٻار جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرايو هو.
جاچ اختيارين موجب پڇا ڳاڇا دوران انڪشاف ٿيو ته ٻار کي سندس پيءَ عامر ئي ماريو آهي، جوابدار 17 آڪٽوبر تي تشدد کانپوءِ ٻار کي قتل ڪيو ۽ لاش ڀينس ڪالوني ۾ وڃي ڦٽو ڪري ڇڏيو.
پڇا ڳاڇا دوران خبر پئي ته جوابدار ٻار پالڻ لاءِ پنهنجي دوست کي ڏنو هو، واقعي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٻار گهر پنهنجي ماءُ سان ملڻ آيو، جوابدار پيءُ نه چوڻ تي ٻار تي تشدد ڪيو ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.