غزا ۾ پناهگيرن جي ڪئمپ تي اسرائيلي بمباري ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا جي پٽي ۾ پناهگيرن جي ڪئمپ تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 350 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا فلسطيني صحت واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته پناهگيرن جي جباليه ڪئمپ تي اسرائيلي جهاز 6 بم ڪيرايا، ان جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 350 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي پيا.
فلسطيني صحت واري وزارت موجب 7 آڪٽوبر کان هيل تائين اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ ٻارن، بزرگن ۽ عورتن سميت 8 هزار 525 شهري شهيد ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.