دادو: مستقبل جو معمار لائبريري کان ٻاهر پڙهندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دادو جي لائبريري ۾ هڪ نوجوان ٻالڪ لائبريري هال کان ٻاهر ويهي پنهنجو سبق ياد ڪري رهي رهيو آهي يا هوم ورڪ مڪمل ڪري رهيو آهي.

اها تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي آهي جنهن بابت چيو ويو آهي ته هي نينگر روز لائبريري ايندو آهي پر ٻاهر ويهي پڙهندو آهي.

واهپيدار هن ٻالڪ جو نالو ۽ پتو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هي ڪير آهي ۽ ڇا هن سان ڪو مسئلو آهي جو هي حال ۾ نٿو ويهي؟

ماڻهن کي ان ڳالهه جي به خوشي آهي ته هو پنهنجي تعليم سان محبت ڪري ٿو ۽ ٻاهر صحيح پر پنهنجي تعليم سان دلچسپي رکي ٿو، هي مستقل جا معمار آهن.

ان موقعي تي هڪ ٻئي واهپيدار جواب ڏنو آهي ته هي نوجوان لائبريري ايندو آهي پر دير سان ايندو آهي جنهن سبب لائبريري ۾ جاءِ ناهي هوندي جيڪو سوير ايندو آهي ان کي جاءِ ملندي آهي ۽ پوءِ هي ٻاهر ويهي پڙهندو آهي.

واهپيدارن جو خيال آهي ته جيستائين حقيقتون سامهون اچن، ان حوالي سان وڌيڪ ڪجهه نٿو چئي سگهجي؟

هوڏانهن سنڌ جي تعليمي نظام جي نظر ڊوڙائجي ته ڪيترائي ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جيڪي تعليم جي خواهش رکن ٿا پر اسڪول غير فعال آهن ۽ لائبريرين جون سهولتون نه آهن.

حڪومت کي اهڙن علائقن ۾ لائبريريون ۽ اسڪولن کي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.