ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جي معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ اهم منظوريون ڏنيون ويون.
اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، ڪابينا کي غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جي معاملي تي گهرو سيڪريٽري بريفنگ ڏني.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي گهرو وزير غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جو منصوبو صوبن سان شيئر ڪيو آهي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد مان پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جو پلان مڪمل آهي.
نگران وڏي وزير چيو ته پرڏيهين جي واپسي کي يقيني بڻايو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته واپسي بهتر انداز ۾ ٿئي، ان حوالي سان جيڪي به فنڊ گهربل هوندا اهي فراهم ڪنداسين.
سنڌ ڪابينا ان معاملي تي هڪ ڪميٽي به قائم ڪئي آهي، جيڪا پرڏيهين جي واپسي تي ٿيندڙ خرچن جي نگراني ڪندي.
نگران وڏي وزير ڪابينا جي مشوري سان پرڏيهين جي واپسي لاءِ 4 بلين رپيا فنڊ رکي ڇڏيو.
جسٽس (ر) مقبول باقر گهرو وزير کي حڪم ڏنو ته پوليس کي ضلعي انتظاميا سان گڏ متحرڪ ڪيو وڃي.
سنڌ ڪابينا سڪرنڊ سانحي جي متاثرن لاءِ معاوضي جي به منظوري ڏني، 28 سيپٽمبر تي سڪرنڊ ڀرسان ماڙي جلباڻي ۾ واقعو پيش آيو هو، جنهن ۾ مارجي ويلن جي وارثن لاءِ 8 ملين رپيا ۽ زخمين لاءِ 2 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي.
You might also like