حماس کي شڪست ڏيڻ اسرائيل لاءِ ”وجود جو امتحان“ آهي:اسرائيلي وزيراعظم

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو چيو آهي ته فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس کي شڪست ڏيڻ اسرائيل لاءِ ”وجود جو امتحان“ آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اسان حماس کي هر صورت ۾ حماس کي شڪست ڏيڻي آهي ڇو جو اسان لاءِ وجود جو امتحان آهي.
هن ايران تي الزام مڙهيندي چيو ته ايران حماس جي حمايت ڪري ٿو ۽ آئون سمجهان ٿو ته حماس جي فوجي بجيٽ جو 90 سيڪڙو ايران مان اچي ٿو، ايران حماس کي فنڊ ڏئي ٿو، منظم ڪري ٿو ۽ هدايتون به جاري ڪري ٿو.
نيتن ياهو غزا ۾ پنهنجي جارحيت جي حوالي سان چيو ته غزا پٽي جي اندر جنگ ڊگھي ۽ ڏکي ٿي سگھي ٿي ڇو جو اسرائيلي فوجي فلسطيني زمين تي 24 ڪلاڪن کان به وڌيڪ وقت کان آپريسن ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.