ڇا اولهه وري صليب ۽ هلال جي جنگ چاهي ٿو؟ اهڙي ڪوشش ٿي ته اسان زندهه آهيون: ترڪ صدر

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان غزا تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري تي خاموش تماشائي بڻيل اولهه ملڪن جي ٻٽي معيار تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڇا اولهه هڪ ڀيرو وري صليب ۽ هلال جي جنگ چاهي ٿو، جيڪڏهن اولهه اهڙي ڪوشش ڪئي ته ڄاڻي وٺن ته اسان اڃا زندهه آهيون.
استنبول ۾ فلسطينين جي حمايت ۾ ڪڍيل وڏي ريلي کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردگان جو چوڻ هو ته اسان سڄي دنيا کي ٻڌائينداسين ته اسرائيل جنگي ڏوهي آهي، اسرائيلي فوج جي ظلمن پٺيان مرڪزي ڏوهاري اولهه جون طاقتون آهن، انهن جي حمايت کانسواءِ اسرائيل ڪجهه نٿو ڪري سگھي.
هن اولهه ملڪن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اوهان يوڪرين ۾ مرندڙن لاءِ ڳوڙها وهائيندا آهيو، پر اوهان غزا جي ٻارن لاءِ آواز ڇو نٿا اٿاريو؟ جيڪڏهن اسان ڪجهه باضمير آوازن کي ڇڏي ڏيون ته غزا ۾ جاري قتل عام مڪمل طور تي اولهه جو ڪم آهي.
هن اسرائيل جي اتحادين تي الزام لڳائيندي چيو ته هو صليبي جنگ جو ماحول پيدا ڪري رهيا آهن.
ترڪ صدر جو چوڻ هو ته ڇا اولهه هڪ ڀيرو صليت ۽ هلال جي جنگ چاهي ٿو، جيڪڏهن اولهه اهڙي ڪوشش ڪئي ته ڄاڻي وٺي ته هيءَ قوم اڃا مري ناهي، ترڪيه جا ماڻهو اڃا زندهه آهن.
رجب طيب اردگان چيو ته 1947ع ۾ فلسطين ڇا هو ۽ اڄ ڇا آهي؟ اسرائيل اتي ڪيئن آيو؟ اسرائيل قابض آهي، جنگي ڏوهاري آهي، غزا ۾ بدترين جارحيت جاري آهي ڪيترا ٻار، پيرسن مرندا ته جنگبندي ڪئي ويندي؟
ٻي پاسي ترڪ صدر جي تقري تي رسرائيلي پرڏيهي وزير مڇرجي پيو ۽ ترڪيه مان پنهنجو سفارتي عملو واپس گھرائي ورتو.
اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن جو چوڻ هو ته ترڪيه کان يل سنگين بيانن تي پنهنجي سفارتي عملي کي واپس گھرايو آهي.
هن اعلان ڪيو ته اسرائيل ۽ ترڪيه جا لاڳاپن جو نئين سر جائزو وٺنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.