ٻيهر صدر بڻيس ته مسلمانن تي پابندي لڳائيندس: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايندڙ چونڊن ۾ صدر چونڊجڻ جي صورت ۾ مسلمانن تي سفري پابندي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ريپبلڪن جيوش ڪوليشن جي سالياني سربراهي اجلاس سان خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڇا توهان کي سفري پابندي ياد آهي؟ هڪ ڏينهن مان اها پابندي ٻيهر لاڳو ڪندس.
هن چيو ته جنهن ڏينهن ۾ اقتدار ۾ واپس آيو ته ڪنهن کي پنهنجي شهرين جو رت وهائڻ جي اجازت نه ڏيندس.
سندس موجب مان پنهنجي حڪومتي دور ۾ واعدو پورو ڪيو ۽ يروشلم کي اسرائيل جو تخت گاهه تسليم ڪندي اتي آمريڪي سفارتخانو کوليو.
واضح رهي ته 2017 ۾ ٽرمپ انتظاميا ايران، ليبيا، شام، يمن، عراق ۽ سوڊان سميت ٻين مسلم ملڪن جي شهرين جي آمريڪا آمد تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.
هوڏانهن وائيٽ هائوس ترجمان ٽرمپ جي تازي بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جو بائيڊن اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي نه رڳو مذمت ڪئي پر ان کي خطرناڪ بيماري قرار ڏنو.
ترجمان چيو ته اڳوڻي صدر طرفان لاڳو ڪيل اهڙي ڪِريل پابندي کي ختم ڪرڻ تي فخر محسوس ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.