ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ نهال هاشمي چيو آهي ته ڪراچي وارا دعائون ڪندا رهيا ۽ نواز شريف حڪومت ۾ اچي امن آندو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نهال هاشمي چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ن ليگ لاءِ بهتري ايندي، ماڻهو چوندا هئا ته ڪراچي جو عوام نواز شريف سان گڏ ناهي پر ڪراچي مان ماڻهو لاهور پهتا، اسان سڀني ڪارڪنن جا ٿورا مڃون ٿا، 21 آڪٽوبر تي عوام فيصلو ڪيو ۽ نواز شريف جي آجيان ڪئي.
هن چيو ته اسان ملڪ ۾ امن ۽ سڪون آڻينداسين، ٻوڏ هجي يا ڪجهه به هجي ن ليگ قيادت عوام جو ساٿ ڏنو، ليپ ٽاپ، نوجوانن کي اسڪالرشپس ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ لاءِ قدم کنيا.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي دور ۾ اٽو ۽ کنڊ سستي هئي، ڪراچي وارا دعائون ڪندا هئا ۽ نواز شريف حڪومت ۾ اچي امن آندو.
You might also like