ورلڊ ڪپ: دفاعي چيمپيئن انگلينڊ جو بُرو حال، ڀارت هٿان به شڪست

لکنئو (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 29هين ميچ ۾ ڀارت دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي 100 رنسن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ مسلسل ڇهين ڪاميابي ماڻي ورتي.
لکنئو ۾ انگلش ڪپتان جوز بٽلر ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، ڀارت مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 229 رنسون ٺاهيون.
ڪپتان روهت شرما 87 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، سوريا ڪمار يادو 49 ۽ ڪي ايل راهول 39 رنسن جي اننگز کيڏي.
انگلينڊ جي ڊيوڊ ولي 3، ڪرس ووڪس، عادل رشيد 2-2، مارڪ ووڊ هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم 34.5 اوورن ۾ 129 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ليام ليونگسٽن 27، ڊيوڊ ملان ۽ ولي 16-16، معين علي 15، جوني بيئر اسٽو 14، عادل رشيد 13، جوز بٽلر ۽ ڪرس ووڪس 10-10 رنسون ٺاهيون، جو روٽ، بين اسٽوڪس ۽ مارڪ ووڊ کاتو ئي نه کوليو.
ڀارت طرفان محمد شامي 4، بمرا 3، ڪلديپ 2 ۽ جديجا هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته اها دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي ايونٽ ۾ پنجين شڪست آهي، جنهن کانپوءِ ان جو سيمي فائنل ۾ پهچڻ ناممڪن ٿي ويو آهي.
پوائنٽس ٽيبل تي ڀارت کيڏيل سموريون 6 ميچون کٽي ٽاپ تي آهي، جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم 6 مان 5 ميچون هارائي آخري ڏهين نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.