واپاري ڏي وٺ ۾ چيني ڪرنسي استعمال ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته ٻاهرين واپاري ڏي وٺ ۽ سيڙپڪاري لاءِ چيني ڪرنسي جو استعمال ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
اسلام آباد ۾ انڊسٽريل اينڊ ڪمرشل بئنڪ آف چائنا تحت ٿيل تقريب سان خطاب ڪندي جميل احمد چيو ته قاعدن ۽ ضابطن موجب چيني ڪرنسي آر ايم بي کي ٻين عالمي ڪرنسين ڊالر، يورو ۽ جاپاني ين جي برابر حيثيت حاصل آهي.
هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان چين سان خاص اقتصادي لاڳاپن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ڏي وٺ ۾ چيني ڪرنسي جي استعمال کي آسان بڻائڻ لاءِ ملڪ ۾ گهربل ريگيوليٽري فريم ورڪ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سرڪاري ۽ نجي ٻئي شعبا ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي سرگرمين لاءِ آر ايم بي جي چونڊ ڪرڻ لاءِ آزاد آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.