ڪراچي: ڊي سي ڏکڻ جي هدايت تي ڪارروائيون، مهانگيون شيون وڪرو ڪندڙ ڪيترائي دڪان سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ضلعي ڏکڻ جي ڊپٽي ڪمشنر جي هدايت تي ڪارروائي ڪندي مهانگي اگهه تي شيون کپائيندڙ ڪيترن ئي دڪانن کي سيل ڪيو ويو.
ڏکڻ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو جي هدايت تي ڏکڻ ضلعي جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن آچر ڏينهن لاڳاپيل سب ڊويزنن ۾ اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جون سرگرميون جاري رکيون ته جيئن شهرين کي ڪراچي جي ڪمشنر پاران مقرر ڪيل اگهن تي ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.
ڏکڻ ضلعي ڪراچي جي ڪجهه هنڌن تي ڪراچي جي ڪمشنر پاران مقرر ڪيل اگهه تي شيون وڪرو نه ڪرڻ تي ڊپارٽمينل اسٽورن سميت ڪيترائي دڪان سيل ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.