پاڪستاني هارر فلم ”اِن فليمز“ آسڪر لاءِ نامزد ڪئي وئي آهي.
پاڪستاني اڪيڊمي سليڪشن ڪميٽي طرفان فلم ”اِن فليمز“ کي پاڪستان مان آسڪر لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.
ان فلم جو ڊائريڪٽر ضرار خان ۽ پروڊيوسر انعم عباس آهي، جن اها هڪ هارر فلم ٺاهي آهي.
فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي شاگردياڻي جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪا پنهنجي خاندان کي بچائڻ لاءِ پراسرار طاقتن سان وچڙي پئي ٿي.
ان فلم جي ڪاسٽ ۾ رميشه نوال، بختاور مظهر، عمير جاويد ۽ عدنان شاهه ٽيپو شامل آهن.
You might also like