ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سعود آباد ۾ پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلي ۾ 4 ڦورو مارجي ويا.
پوليس موجب واقعي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ ٻه شهري زخمي به ٿيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال پهچايو ويو.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته ڦورن سان مقابلي ۾ زخمي اهلڪار جي سڃاڻپ حنيف جي نالي سان ٿي آهي.
پوليس موجب مارجي ويل جوابدار شهرين کان ڦرلٽ ڪندا هئا، جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، موبائل فونز ۽ ٻه موٽر سائيڪلون برآمد ٿيون آهن.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته مقابلي دوران مارجي ويل ڦورن جا لاش به اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.
Next Post
You might also like