لنڊن (ويب ڊيسڪ) ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي 35هين عالمي ڪانفرنس لنڊن ۾ ٿي، جنهن ۾ ڌارين جي نيڪالي سميت ٻيا مطالبا ڪيا ويا.
عالمي ڪانفرنس جي مک ٺهرائن ۾ گهر ڪئي وئي آهي ته بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سٽي جهڙا منصوبا سنڌ جي زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ کليل نموني سنڌ جا ذريعا کسڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهھ به ناهن، ترقيءَ جي نالي ۾ 40 کان وڌيڪ قديم ڳوٺ ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اسڪول، قبرستان ۽ تاريخي ماڳ ميسارجي ويا آهن. ان ڪڌي عمل ۾ پيپلزپارٽي آڏو آڏو آهي.
ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي گهر آهي ته اهي منصوبا فوري طور بند ڪري زمين اصل مالڪن کي واپس ڪئي وڃي.
اها گهر پڻ ڪئي وئي آهي ته سنڌ جي اصلوڪن ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته اتي موجود افغانين، برمين، بهارين ۽ بنگالين کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي کين واپس پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي.
Next Post
You might also like