تيل اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۾ به تيل جي اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

جيئن ته پاڪستان مسلسل مهانگائي جو شڪار ٿي رهيو آهي، تيل جي عالمي اگهن ۾ گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي پاڪستانين ۾ اتساهه پيدا ٿيو آهي. بحران جو شڪار ملڪ کي ٻيو ڀيرو تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

تيل جي اگهن ۾ 12 ڊالر في بيرل جي گهٽتائي ٿي آهي، تقريبن 102 ڊالر في بيرل ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڊيزل جون قيمتون 9 ڊالر في بيرل گهٽجڻ سان $ 117 في بيرل ٿيون آهن.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته عالمي سطح تي تيل جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي کانپوءِ پيٽرول جي اگهن ۾ 40 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.