ڪراچي ۾ گهر خريد ڪندڙ هوشيار! ايس بي سي اي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

ڪراچي (رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪراچي جي 14 منصوبن بابت عوام کي خبردار ڪندي خريداري يا بڪنگ ۾ احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي طرفان ڏنل پبلڪ نوٽيس ۾ ڪراچي جي 14 منصوبن بابت چيو ويو آهي ته انهن منصوبن کي اٿارٽي طرفان وڪري يا اشتهارن بابت ڪا به اين او سي جاري نه ڪئي وئي آهي.
انهن منصوبن ۾ گڏاپ ٽائون جو دي گرينس، شاهه لطيف ٽائون جو متين ڪامپليڪس، اسڪيم 45 جو ڪراچي ڊريم ولاز، گڏاپ ٽائون جو ام الڪرا سٽي، گلستان جوهر جو ڪنگس ڪاٽيجز فيز ٽو، اسڪيم 41 جو بيچ سٽي، اسڪيم 33 جو القيصر ٽائون، سرجاڻي ٽائون جو مصطفيٰ ڪاٽيجز، گلشن اقبال جو رحمان اسڪوائر، اسڪيم 33 جو ڏيٿو ايڪونڪ ٽاور، منگهو پير جو گلوب، نيا ناظم آباد جو سگنيچر، نيا ناظم آباد جو راحت ريزيڊنسي، گلشن معمار جو شنگريلا سٽي منصوبا شامل آهن.
ايس بي سي اي طرفان عوام کي خبردار ڪيو ويو آهي ڄاڻايل 14 منصوبن جي وڪري يا ايڊورٽائيزمينٽ لاءِ اين او سي جاري نه ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.