ملڪ ۾ سون وڌيڪ سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جو اگهه وڌيڪ گهٽجي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 750 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ ٻه لک 450 رپيا ٿي وئي آهي.
ان کانسواءِ 10 گرام سون 643 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 78 هزار 712 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 20 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ هڪ هزار 970 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.