لوڻ سان چهري جي خوبصورتي وڌائڻ جو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لوڻياٺ واري پاڻي ۾ سوڊيم، ڪيلشيم ۽ سلڪان جهڙا عنصر هوندا آهن جيڪي کل کي خوبصورت بڻائڻ ۾ مدد ڪندا آهن.

چهري تي مئل سيلز گڏ ٿيڻ مسامن کي روڪيندو آهي پوءِ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ لوڻ واري پاڻي جو استعمال ڪيو ويندو آهي.

ان دوران پاڻي ۾ سامونڊي لوڻ ملائي هلڪو مساج ڪريو.

هڪ ڪپ پاڻي ۾ هڪ چمچو لوڻ ملائي ڪپهه جي مدد سان چهري تي لڳايو.

ڪپهه ٿوري ٿوري پاڻي ڌوئي وٺو.

چار ڪپ پاڻي کي 20 منٽن تائين اٻاريو ۽ ان ۾ 2 چمچا نان آئوڊائزڊ لوڻ وجهڻ بعد ٿڌو ڪري چهري کي ڌوئي وٺو.

لوڻياٺ واري پاڻي سان چهرو ڌوئڻ سان خشڪ نشان ختم ٿي ويندا آهن.

لوڻياٺ وارو پاڻي هڪ قدرتي ڊيٽاڪسيفائر آهي، اهو کل مان نقصان ڏيندڙ مادن کي ختم ڪندو آهي.

جيڪڏهن اوهان جي چهري تي ڪو زخم هجي ته لوڻ جو پاڻي استعمال نه ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.