ٻه ٽرينون ٽڪرائجي ويون، سوين زخمي

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ مال بردار ٽرين سامهون ايندڙ مسافر ٽرين سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا زخمي ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

ٽرين حادثو بنگلاديش جي ضلعي ڀائيراب ۾ پيش آيو جنهن ۾ مالبردار ٽرين ۽ مسافر ٽرين پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون.

هن خوفناڪ ٽڪراءَ ۾ مسافر بردار ٽرين جون پنج ٻوگيون اونڌيون ٿي ويون جڏهن ته انجڻ ۽ان سان لڳل بوگي تباهه ٿي وئي.

ٽرين جي پٽڙي تي هر هنڌ مسافرن جا لاش ۽ زخمي پيل هئا.

امدادي ڪمن دوران 15 لاش ڪڍيا ويا جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.