جعلي پاسپورٽس جي جاچ ۾ اهم انڪشاف سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جعلي پاسپورٽس جي جاچ ۾ اهم انڪشاف سامهون اچي ويا، ايجنٽن اختيارين جي ملي ڀڳت سان مبينا طور تي جعلي پاسپورٽ تيار ڪرايا، جنهن تي شڪي پرڏيهي افغان شهرين سعودي عرب جو سفر ڪيو هو.
ڄاڻايل معاملي تي گهرو وزارت جي 5 رڪني اعليٰ سطحي ڪميٽي جاچ ڪري رهي آهي، ڪميٽي ذريعن ٻڌايو ته ايجنٽن اختيارين جي ملي ڀڳت سان مبينا طور تي جعلي پاسپورٽ تيار ڪرايا، جنهن لاءِ فرضي ۽ جعلي ڊيٽا تي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايا ويا.
ذريعن ٻڌايو ته فرضي ۽ جعلي ڊيٽا جي بنياد تي سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي پاسپورٽس کي پراسيس ڪيو ويو، مبينا جعلي پاسپورٽس تي مختلف ٽريول ايجنٽن ذريعي ويزا لڳرايا ويا.
ذريعن موجب 12 هزار 96 مبينا جعلي پاسپورٽس تي شڪي پرڏيهي افغان شهرين سعودي عرب جو سفر ڪيو ۽ سعودي عرب پاسپورٽ رياض ۾ پاڪستاني اختيارين حوالي ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.