ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات سان ئي هاڪاري رجحان رهيو، 100 انڊيڪس 51 هزار پوائنٽن جي سطح پار ڪري ويو.
مئي 2017 کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس ٻيهر 51 هزارن تائين پهچي ويو.
واضح رهي ته مئي 2017 ۾ 100 انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح 53 هزار 127 تي پهتو هو.
اڄ صبح ڪاروبار دوران اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 600 کان وڌيڪ پوائنٽن جي واڌ ٿي ۽ 100 انڊيڪس 51 هزار 392 جي سطح تي پهچي ويو.
پوءِ ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 338 پوائنٽن جي واڌ سان 51 هزار 70 تي بند ٿيو.
ط
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، 6 سالن کانپوءِ 100 انڊيڪس 51 هزارن جي حد پار ڪري ويو
You might also like