ڀارت ناقابل شڪست نيوزيلينڊ کي هارائي ورلڊ ڪپ ۾ مسلسل پنجين فتح ماڻي ورتي

ڌرم شالا (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت ويرات ڪوهلي جي شاندار بيٽنگ جي مدد سان نيوزيلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ مسلسل پنجين ڪاميابي ماڻي ورتي.
ڀارت نيوزيلينڊ طرفان مليل 274 رنسن جو هدف 48 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
ويرات ڪوهلي 95 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، روهت شرما 46، جديجا 39، شرياس 33، راهول 27 ۽ گل 26 رنسون ٺاهيون.
ان کان اڳ نيوزيلينڊ ڊيرل مچل جي 130 رنسن جي مدد سان مقرر اوورن ۾ 10 وڪيٽن جي نقصان تي 273 رنسون ٺاهيون.
ڀارت ايونٽ ۾ مسلسل 5 ڪاميابيون ماڻي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن تي آهي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم 5 مان هڪ ميچ هارائي پوائنٽس ٽيبل تي ٻئي نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.