ٽڪ ٽاڪر صنم جاويد چوٿون ڀيرو گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس پي ٽي آءِ جي ڪارڪن صنم جاويد کي گذري رات ڪوٽ لکپت جيل مان سندس ٻيون ڀيرو آزادي بعد گرفتار ڪيو.

اڄ کيس اي ٽي سي عدالت عسڪري ٽاور ۾ ڀنڊ ڊاهه واري ڪيس ۾ جسماني ريمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو، عدالت ڪيس مان ڊسچارج ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالتي احاطي ۾ ئي پوليس کيس 9 مئي جي ماڊل ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو، اهڙي ريت کيس چوٿون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.