جنسي تعصب تي ٻڌل تبصرو، اٽلي جي وزيراعظم مڙس کان عليحدگي اختيار ڪري ورتي

روم (ويب ڊيسڪ) اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني چيو آهي ته هن جنسي تعصب تي ٻڌل تبصرو ڪرڻ تي پنهنجي پارٽنر ۽ صحافي آندريا جيامبرونو کان عليحدگي اختيار ڪري ورتي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ميلوني گذريل مهيني نامه نگارن کي ٻڌايو ته هن کي سندس پارٽنر گيامبرونو جي رمارڪس تي راءِ قائم نه ڪرڻ گھرجي ۽ هوءَ مستقبل ۾ هن جي رويي بابت سوالن جا جواب نه ڏيندي.
ٻنهي ان وقت عليحدگي اختيار ڪئي جڏهن 46 ورهين جي وزيراعظم کي اهو منصب سنڀاليندي هڪ سال ٿيو آهي ۽ گڏيل حڪومت جي سربراهه پنهنجي پاليسي جي اهم جز روايتي خانداني نظام جو دفاع ڪيو آهي.
جارجيا ميلوني پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي تبصري ۾ چيو ته 10 سالن تي ٻڌل منهنجو ۽ آندريا جيامبرونو جو واسطو اتي ختم نٿو ٿئي، اسان جا رستا ڪجهه عرصي کان ڌار ٿي ويا آهن ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان کي تسليم ڪيو وڃي.
هن چيو ته آئون پنهنجي نجي زندگي ۾ ڏکيائين سبب پريشان نه ٿينديس، اهي سڀ ماڻهو جيڪي اهو سمجهن ٿا ته منهنجي گھر تي حملو ڪري هو مون کي ڪمزور بڻائي سگھندا، کين ڪا به ڪاميابي نه ملندي.
42 ورهين جو جيامبرونو ميڊيا سيٽ طرفان نشر ڪيل نيوز پروگرام جو ميزبان آهي، ميڊيا سيٽ حقيقت ۾ ايم ايف اي ميڊيا گروپ جو حصو آهي جيڪو مرحوم اڳوڻي وزيراعظم ۽ ميلوني جي اتحادي سلويو برلسڪوني جي وارثن جي ملڪيت آهي.
هلندڙ هفتي سيٽ تي هڪ طنزيه ڪرنٽ افيئر ٽي وي پروگرام ۾ جيامبرونو جي پروگرام جي آف ائير وڊيو جو ڪجهه حصو نشير ڪيو ويو هو جنهن ۾ کيس گندي ٻولي استعمال ڪندي ۽ هڪ ساٿي عورت جوپيڇو ڪندي ڏسي سگھجي ٿو.
ٽي وي صحافي کي آگسٽ ۾ گينگ ريپ ڪيس جي حوالي سان تبصرن سبب تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو جتي هن ابتڙ متاثرن کي ڏوهاري قرار ڏنو هو.
اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني چيو آهي ته هن جنسي تعصب تي ٻڌل تبصرا ڪرڻ تي پنهنجي پارٽنر کان عليحدگي اختيار ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.