عمران جو قاسم ۽ سلمان سان فون تي رابطو، گرفتار پيءُ سان ڳالهائيندي پٽ جذباتي ٿي ويا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اڊيالا جيل مان برطانيا ۾ موجود پنهنجن پٽن سان فون تي گفتگو ڪئي آهي.

جيل ذريعن موجب، واٽس ايپ ٽيلي فون ڪال ٽيهه منٽن تائين جاري رهي، ٽيلي فون ڪال ساڍي چئن وڳي کان پنجين وڳي تائين ڪئي وئي.

خاص عدالت جي جج ابولحسنات جي حڪم تي عمران خان جي سندس پٽن قاسم ۽ سلمان سان ڳالهه ٻول ڪرائي وئي .

ان دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جا پٽ گرفتار پيءُ سان ڳالهائيندي جذباتي ٿي ويا جڏهن ته عمران خان مسڪرائيندي کين آٿت ڏيندو رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.