ماڙي جلباڻي واقعو، نگران حڪومت غلطي مڃي ورتي، معاوضي جو اعلان

سڪرنڊ (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران گهرو وزير ماڙي جلباڻي واقعي جي متاثرن وٽ تعزيت لاءِ پهچي ويو.

ان موقعي تي هن مارجي ويل ڳوٺاڻن جي وارثن لاءِ 80 لک رپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو.

سنڌ جي نگران حڪومت پاران زخمين لاءِ 20 لک روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.

حارث نواز جو ان موقعي تي چوڻ هو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪئي پئي وڃي، جاچ بابت رپورٽ اچي ويندي ته حقيقتون سامهون اينديون.

نگران گهرو وزير چيو ته متاثر گهراڻن جي ٻارڙن جو تعليم جو خرچ حڪومت کڻندي، جڏهن ته مقتولن کي شهيد چوڻ ۾ ڪو هرج ناهي.

ان موقعي تي آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.