غزا جي اسپتالن ۾ بنيادي سهولتون ختم، ڊاڪٽر بغير نشي جي زخمين جا آپريشن ڪرڻ تي مجبور

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي وحشياڻي بمباري 12 هين ڏينهن به جاري آهي، لاڳيتو بمباري ۽ سخت ناڪه بندي سبب اسپتالن ۾ بنيادي سهولتون ختم ٿي ويون، ڊاڪٽر اسپتالن جي اڱڻ ۾ بيهوش ڪرڻ کانسواءِ آپريشن ڪرڻ تي مجبور آهن.
عزا سٽي ۽ ڏکڻ علائقن ۾ رهائشي عمارتن تي تازن حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا، گڏيل قومن تحت خان يونس ۾ هلندڙ اسڪول کي به نقصان پهتو ۽ اسپتال تي حملي کان پوءِ اسرائيل هڪ ئي ڏينهن ۾ وڌيڪ 433 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو، اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 3 هزار 4 سئو کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 12 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن.
اسرائيل طرفان غزا جي وڌيڪ اسپتالون به غزا جي نشاني تي آهن، القدس ۽ الشفا اسپتال اسپتال ۽ هلال احمر جي هيڊڪوارٽر جي ويجهو علائقن تي 30 منٽن تائين بمباري ڪئي وئي.
غزا ۾ صحت واري وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر مدحت عباس ميڊيا کي ٻڌايو ته اسپتال جي اڱڻ ۾، آپريشن روم ۾ ۽ ايمرجنسي روم جي زمين تي هزارين ماڻهو پيا آهن، انهن ۾ گھٽائي ٻارن جي آهي.
ڊاڪٽر مدحت عباس جو چوڻ هو ته غزا جي اسپتالن جي اڱڻ ۾ بيهوش ڪرڻ کانسواءِ آپريشن ڪيا پيا وڃن، ماڻهن جون حياتيون بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جن ۾ جيئڻ جي اميد آهي، ٻين مرڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي.
گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪ ايجنسي جو چوڻ هو ته غزا جي ماڻهن لاءِ وقت ختم ٿي رهيو آهي، اسان کي هن مهل فوري امدادي سامان گھرجي، پيغام واضح آهي، غزا تباهه ڪندڙ انساني بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي.
گڏيل قومن جي اداري جو چوڻ آهي ته غزا ۾ پيئڻ جو پاڻي ختم، ٻار گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، غزا جي صورتحال تباهه ڪندڙ آهي، خان يونس ۾ گذريل ڏينهن چڪن پاڪس جو پهريون ڪيس سامهون آيو، غزا ۾ ماڻهو اسرائيلي فوجي حملي ۾ نه مئا ته گدلاڻي ۽ وبائي مرض پکڙجڻ سبب مري ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.