سپريم ڪورٽ ۾ چونڊن ۽ فوجي عدالتن جا ڪيس مقرر ٿيڻ وارا آهن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ وڏن ڪيسن جي ٻڌڻي جو فيصلو ٿي ويو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عام چونڊن ۽ فوجي عدالتن جا ڪيس مقرر ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ پاڪ، عرب ريفائنري ملازمن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران ملازمن جي وڪيل اپيل ڪئي ته پاڪ، عرب ريفائنري ملازمن جو ڪيس 15 ڏينهن کانپوءِ مقرر ڪيو.
دير جي درخواست تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اهم ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ عام چونڊن ۽ سويلين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جا ڪيس مقرر ٿيڻ وارا آهن، سپريم ڪورٽ ۾ ڏکيا ڪيس اچڻ وارا آهن، جنهن دوران ٻيا ڪيس ٻڌڻ ڏکيو هوندو، هن ڪيس جي ٻن مهينن کانپوءِ مقرر ڪنداسين.
سپريم ڪورٽ پاڪ، عرب ريفائنري ڪيس ٻن مهينن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.