اهم خبر، نواز شريف جي وطن واپسي واري پروگرام ۾ ڦيرڦار ٿيندي؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڏيهه واپسي بابت اهم خبر اچي وئي.

شريف خاندان جي ذريعن موجب، اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف 21 آڪٽوبر واري پروگرام مطابق وطن واپس پهچندو.

شريف خاندان جي ذريعن تصديق ڪئي ته نواز شريف جي دبئي رستي پاڪستان پهچڻ واري گذريل پروگرام ۾ هنيئر تائين ڪائي ڦيرڦار ناهي ڪئي وئي، پروگرام تحت نواز شريف 21 اڪٽوبر جي صبح جو پاڪستان لاءِ روانو ٿيندو.

ذريعن موجب، نواز شري فجي جهاز کي قانوني گهرجن تحت پهريان اسلام آباد لينڊ ڪرڻو پوندو، هو ڪجهه وقت اسلام آباد ۾ ترسندو جنهن کانپوءِ لاهور پهچندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.