ڀارت ۾ موجود پاڪستاني ڪرڪيٽرن سوشل ميڊيا تي فلسطين جا جهنڊا پوسٽ ڪري ڇڏيا

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن غزا ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي فلسطيني عوام سان يڪجهتي لاءِ سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪري ڇڏيا.
اسرائيل طرفان غزا ۾ وحشياڻِي بمباري جو سلسلو جاري آهي ۽ يهودي فوج جي اسپتال تي ٿيندڙ تازي حملي ۾ 500 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا، جنهن جي سڄي دنيا مذمت ڪئي آهي.
اسرائيل جي حملن ۾ هيل تائين شهيدن جو مجموعي انگ 3500 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 12 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم، جيڪا اڄڪلهه ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ کيڏڻ ۾ مصروف آهي، ان جي نائب ڪپتان شاداب خان، آل رائونڊر محمد نواز ۽ اسپنر اسامه مير فلسطينين سان يڪجهتي لاءِ فلسطين جا جهنڊا ايڪس تي پوسٽ ڪري ڇڏيا.
محمد نواز فلسطين جي جهنڊي سان گڏ دعا وارا ايموجي شيئر ڪيا، جڏهن ته شاداب خان ۽ اسامه مير به فلسطين جو جهنڊو پوسٽ ڪيو.
واضح رهي ته ان کان اڳ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان سريلنڪا خلاف فتح فلسطينين جي نالي ڪئي هئي، جيڪا ڳالهه ڀارتين ۽ اسرائيلين کي نه وڻي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.