تل ابيب (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيدن سان ملاقات کان پوءِ اسرائيلي وزيراعظم عزا ۾ مصر جي سرحد کان ايندڙ انساني امداد ۾ رنڊڪ نه بڻجڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
اسرائيل طرفان غزا ۾ مظلوم فلسطيني عوام تي جاري حملن دوران اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مصر جي رستي کان غزا ايندڙ امداد تي حملو نه ڪنداسين.
اسرائيل جو چوڻ هو ته مصر مان کاڌي، پاڻي ۽ دوائن جي فراهمي ۾ رنڊڪ نه بڻجنداسين. مصر کان ايندڙ امداد رڳو ڏکڻ غزا تائين وڃڻ گھرجي.
اسرائيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته مصر کان ايندڙ امداد حماس جي هٿ نه لڳڻ گھرجي، اسرائيلي يرغمالين جي آزادي تائين بندش برقرار رهندي.
Next Post
You might also like